اُڪير 2

اُڪير (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت جو هڪ قسم آهي، جيڪو ٿرپارڪر ضلعي جي خصوصاً ڏيپلي ۽ ان جي آسپاس واري ڀاڱي ۾ عام رائج آهي. هن لوڪ گيت ۾ مائٽن جي محبت ۽ اباڻي ڳوٺ جي اڪير اهم موضوع آهن. ڏورانهين هنڌ پرڻيل ڇوڪري پنهنجي مائٽن جي ملڻ لاءِ آسائتي ٿي، ساڻن من جي اُڪير رکندي آهي. هن لوڪ گيت تي اهو اڪير نانءُ به خود مضمون جي نسبت سان رکيل آهي. ’اڪير‘ لوڪ گيت جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
چوڏس پونم چاندڻي، چهنا!
مهانجي رمڻ جهڙي رات گمانا.
آيل مانجهو مٿو گونٿيو چهنا
مهانجي ڪاڪل ڪانجهيو هار گمانا،
هزاران هٿان روگهاگهر. چهنا!
مهانجو سوڙهان سَريان رو هار گمانا!


هن صفحي کي شيئر ڪريو